شهيدن جون قربانيون زيان نه وينديون، دهشتگردن کي ختم ڪري دم پٽينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صوابي آپريشن ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن ۽ سپاهي جي شهادت تي افسوس جو اطهار ڪندي چيو آهي ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته دهشتگردن کي ختم ڪري دم پٽيداسين، هن چيو ته دهشتگردن کي سندن پاران برپا ڪيل ڏڦيڙن جو حساب ڏيڻو پوندو. ياد رهي ته صوابيءَ ۾ ملڪ آباد جي علائقي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن جنيد ۽ سپاهي امجد شهيد ٿي ويا آهن.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *