ڪراچي (اين اين آءِ)ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي بهتري شهر ۾ حددخلين جو خاتمو ۽ ڪراچي ۾ سرسبز هنڌ خاص طور تي باغ ابن قاسم جي بحالي ان جي پهرين ترجيحي آهي هو صوبائي اختيار حاصل ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت پاران ڪي ايم سي جي اختيارن کي قبضي جي نتيجي ۾ شهر کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو به ڪندو ڪي ايم سي عمارت ۾ پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته هو ڪراچي جي سڀ کان وڏي ۽ سرسبز باغ جي رونق ٻيهر بحال ڪندو جيڪا هڪ وقت ۾ تفريحي سبب ايندڙ سوين ماڻهن جو تفريحي جو هنڌ هوندو هو هن چيو ته هو باغ ابن قاسم کي بحريه ٽائون جي حوالي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ ان معاملي تي ڪنهن غير عدالتي عمل جي گنجائش نه آهي باغ ابن قاسم جي خراب صورتحال تي ڳالهائيندي ميئر چيو ته سڀ کان وڏو مسئلو فنڊ نه هجڻ آهي مون کي ٻيا فنڊ ان ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ تي پون ٿا پر انهن ذريعن مان صرف 40 ملين رپيا گڏ ٿي سگهيا آهن جيڪي ڪجهه به نه آهن. هن چيو ته هو بحريه ٽائون جي انتظاميه کي آگاهه ڪري چڪو آهي ته هاڻي هو باغ ابن قاسم ۾ وڌيڪ هيليڪاپٽر لينڊ نه ڪندو جهڙوڪ 10 ڏينهن اڳ ڪمپني جي سي اِي او جي شهر اچڻ جي موقعي تي ٿيو هو. هن چيو ته مان سول ايويئيشن اٿارٽي سان رابطو ڪيو ۽ هن ٻڌايو ته بحريه جي باغ ۾ هيليڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت نه آهي هن چيو ته سمورا دستاويز ڳجها هئا ۽ بحريه وٽ موجود هئا ته جيئن جيڪڏهن معاملو عدالت ۾ وڃي ها ته هو عدالت ۾ انهن دستاويزن کي پيش ڪري سگهي. هن چيو ته هن اهو معاهدو ڪيو ته پارڪ جو ڪنٽرول حاصل ڪري سگهي ۽ جيڪو چاهي ڪري ان سموري عمل ۾ ان ڪوٺاري پريڊ کي پوري طرح نقصان پهچايو. هن چيو ته جيڪڏهن مان ٽارگيٽ ڪلر هجان ها ته مون سان گڏ شاهد عبدالله جهڙا ماڻهو ڪم نه ڪن ها پر مون کي جنهن شئي جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي اها ڪراچي جي عوام جو ساٿ آهي.