شهر جي ريڊ زون سميت ٻين علائقن لاءِ هڪ پائليٽ سيف سٽي ٺاهينداسين؛مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي ( هه آ)  وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي ريڊ زون سميت ٻين علائقن لاءِ هڪ پائليٽ سيف سٽي ٺاهينداسين. نيب انڪوائري سبب سيف سٽي کي اڳتي نه وڌائي سگهياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ شهيد بينظير ڀٽو ايليٽ پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ ايليٽ ڪورس 41 بيج جي 1018 جوانن جنهن جو تعلق سنڌ جي مختلف ضلعن سان آهي جي پاسنگ آئوٽ تقريب سان بطور مهمان خصوصي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير جي صلاحڪار چيو ته سنڌ پوليس اڳيان وڌي رهي آهي  ۽ سنڌ اسيمبلي مان جلد نئون پوليس ايڪٽ پاس ڪرائينداسين جڏهن ته سمورن پوليس اسٽيشنن کي رينيويٽ ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. ڪراچي آپريشن کانپوءِ حالتن ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ سنڌ حڪومت دهشتگردي جي ايڪٽ ۾ ري شيڊول جو فيصلو ڪيو آهي. مرتضيٰ وهاب پنهنجي خطاب ۾ اسٽريٽ ڪرائيم بابت چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ هٿيار استعمال ٿيندو ته دهشتگردي ايڪٽ لاڳو ٿيندو. موبائيل ۽ موٽر سائيڪل مارڪيٽن کي ريگوليٽ ڪيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي آئي جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار جو رزاق آباد ٽريننگ سينٽر آمد تي کيس ڀليڪار چوندي چيو ته انهيءَ جو هتي اچڻ انهيءَ ڳالهه جو پيغام آهي ته سنڌ پوليس سٺو ڪم ڪري رهي آهي. آئي جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان صوبائي حڪومت جا ٿورائتا آهيون ته سنڌ حڪومت پاران سٺيون پگهارون ۽ مراعتون ڏنيون ويون. ان موقعي تي آئي جي سنڌ مهمان خاص بيريسٽر مرتضيٰ وهاب کي يادگار شيلڊ ڏني. انکانپوءِ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پاس آئوٽ ٿيندڙ ۽ خاص طور نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اهلڪارن کي واڌيون ڏنيون. تقريب جي پڄاڻي تي مرتضيٰ وهاب پوليس اهلڪارن جي عملي مشقن جو معائنو ڪيو ۽ ٽريننگ سينٽر جي مختلف حصن جو پڻ دورو ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *