شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد انتظاميه جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي اعليٰ اختيارين سميت وزيراعظم جي سي ڊي اي بابت خاص مددگار علي اعواڻ ۽ ميئر انصر عزيز به شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ اسلام آباد جي سڪيورٽي سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو.  اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان سڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *