شهباز شريف منهنجي خلاف لنڊن جي عدالتن ۾ ڪارروائي جو واعدو پورو ڪري: شهزاد اڪبر

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر شهباز شريف خلاف برطانوي عدالت سان رابطي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف منهنجي خلاف لنڊن جي عدالتن ۾ ڪارروائي جو واعدو پورو ڪري.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف برطانوي اخبار تي ڪو به ڪيس نه ڪيو آهي،  رڳو شڪايت ڪئي آهي، شهباز شريف اخبار کي شڪايت ڪئي ته منهنجو موقف نه ٻڌو ويو آهي. هن چيو ته برطانوي صحافي پنهنجي خبر تي اڄ به قائم آهي، برطانوي ڌرتي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪئي وئي، منهنجي خلاف لنڊن جي عدالتن ۾ ڪارروائي جي دعويٰ ڪئي وئي.سندس چوڻ هو ته نيوز ڪانفرنس ۾ چيو هو ته لنڊن جي عدالتن ۾ ثبوت پيس ڪندس،  شهباز شريف علي عمران کي روپوش ڪرايو، نويد اڪرم وٽان هڪ ارب رپين جي رڪوري ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊيلي ميل موجب ڪيترن ئي ملين ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿي آهي، علي عمران کي ايرا جي پروجيڪٽ مان سڌو ادائيگي ڪئي وئي.خاص صلاحڪار چيو ته ڪهاڻي جو هڪ ڪردار آفتاب محمود جيل ۾ آهي، آفتاب محمود توهان لاءِ مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪري چڪو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ڪنهن سوال جو جواب نه ڏئي رهيو آهي، شهباز شريف خلاف برطانوي ۾ شاهديون پيش ڪندس. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف طرفان لنڊن جي عدالت ۾ ڪيس جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟ شهباز شريف منهنجي ليگل نوٽيس جو واعدو پورو ڪري، ڪرپشن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته چون ٿا ته سي پيڪ خطري ۾ آهي،  منهنجي دعويٰ آهي ته شهباز شريف لنڊن جي عدالت ۾ نه ويندو. شهزاد اڪبر چيو ته مان بيگ تيار ڪري ويٺو آهيان، منهنجي خلاف برطانيا ۾ دعويٰ ڪريو، مون کي پڪ آهي ته توهان منهنجي خلاف عدالت نه ويندا ڪيس ته پر اڃا تائين نوٽيس به نه ڏنو ويو آهي. هن چيو ته نيون خبرون به جلد ڏينداسين، 10 ورهين جي قرضن تي ڪميشن به ٺهي چڪي آهي، حسين اصغر سربراهه آهي.شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان عرفان صديقي جي معاملي  ۽ کيس هٿڪڙيون هڻڻ جو نوٽيس ورتو آهي. ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. موڪل جي ڏينهن عرفان صديقي جي ضمانت غير معمولي ڳالهه آهي. پر سندس ضمانت سٺي ڳالهه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *