شهباز شريف مسلم ليگ ن جو وقتي صدر ٿي ويو، نواز شريف تاحيات قائد هوندو

لاهور ( م ڊ)) مسلم ليگ ن جي سي اي سي  شهباز شريف کي  پارٽي جو نئون صدر ۽ نواز شريف کي تاحيات قائد بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مسلم ليگ ن جي نئين پارٽي صدر جي چونڊ لاءِ  سي اي سي جو اجلاس جاتي امرا ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، خواجه آصف، خواجه سعد رفيق، احسن اقبال، مريم اورنگزيب سميت سينئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. راجا ظفر الحق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پارٽي صدارت لاءِ نواز شريف شهباز شريف جالو تجويز ڪيو. تجويز کانپوءِ سي اي سي شهباز شريف کي پارٽي جو نئون صدر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پارٽي جو تاحيات قائد بڻائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. مسلم ليگ ن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 6 مارچ تي ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ شهباز شريف کي مستقل صدربڻائڻ جو فيصلو ٿيندو.  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف مسلم ليگ ن جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف آخرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اعتماد ۾ ورتو. هلندڙ هفتي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار احمد سميت ٻين اڳواڻن سان اهم ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران وڏيون تبديليون اينديون. ذريعن موجب شهباز شريف عملي طور پارٽيءَ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن. شهباز شريف نه رڳو ناراض ليگي ڌڙن کي پرچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر پارٽي ۾ اختلافي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ به ڪوشان آهي. ان سلسلي ۾ پهرين ڪڙي ۾ هلندڙ هفتي ئي شهباز شريف ۽ چوڌري نثار احمد جي اهم ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ شهباز شريف ڀرپور اعتماد سان چوڌري نثار احمد کي پارٽي جون ذميواريون سونپيندو. ذريعن موجب شهباز شريف ناراض ڌڙن کي پرچائڻ بابت محمد نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺندي سمورا معاملا معمول تي آڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *