لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني جو اڳوڻو اعليٰ آفيسر سلطاني شاهد بڻجي ويو. پنجاب صاف پاڻي ڪمپني ڪرپشن اسڪينڊل ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. صاف پاڻي ڪمپني جو اڳوڻو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم اجمل سلطاني شاهد ٿيڻ تي تيار ٿي ويو آهي. ذريعن موجب نيب جي حراست ۾ موجود وسيم اجمل صاف پاڻي ڪيس ۾ مهانگو ٺيڪو ڏيڻ جو ذميوار شهباز شريف کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وسيم اجمل پنهنجو شروعاتي بيان قلمبند ڪرائيندي چيو آهي ته شهباز شريف جي حڪمن تي مقامي ڪمپنين بدران پرڏيهي ڪمپنين کي گهرايو ويو ۽ مهانگا ٺيڪا ڏنا ويا. شهباز شريف کانسواءِ چئن آفيسرن ۽ ٻن بورد ميمبرن به صاف پاڻي فراهمي جي منصوبن ۾ مداخلت ڪئي، اهو به حڪم ڏنو ويو ته شهباز شريف جي گڏجاڻي کان اڳ حمزا شهباز شريف کي ٺيڪن بابت بريفنگ ڏني وڃي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سان ملاقات ۾ سلطاني شاهد بڻائڻ جي آخري منظوري ڏني ويندي.