لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي نيب هٿان گرفتاري واري معاملي تي اجلاس نه سڏائڻ خلاف احتجاج ڪندي پنجاب اسمبلي ۾ ن ليگ ميمبرن، اسمبلي جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڇڏيو. جڏهن ته انتظاميا طرفان پنجاب اسمبلي جو مرڪزي گيٽ خاردار تارن ذريعي بند ڪيو ويو. جنهن بعد مسلم ليگ ن جي ميمبرن اسمبلي جي ڀت ٽپي اسمبلي جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۽ ڪيترائي ميمبر رڪاوٽون هٽائيندي اسمبلي جي گيٽ تائين به پهچي ويا. ڪلهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل ن ليگي اسمبلي ميمبرن طرفان پنجاب حڪومت خلاف سخت نعريبازي به ڪئي وئي. ياد رهي ته مسلم ليگ ن طرفان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري واري معاملي تي پنجاب اسمبلي جو اجلاس نه سڏائڻ خلاف اڄ منهنجد اسمبلي ۾ اجلاس سڏايو ويو هو.