شهباز شريف جي چوڌري نثار سان ملاقات ختم، پارٽي تي ڪڏهن ذات کي ترجيح ناهي ڏني: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو): پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وچ ۾ ملاقات ختم ٿي وئي، جنهن بعد شهباز شريف وفاقي وزيرن اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق سان گڏ واپس روانو ٿي ويو، ميڊيا رپورٽن مطابق وڏو وزير خصوصي جهاز ذريعي لاهور کان اسلام آباد پهتو، جتي هن وزيراعظم هائوس ۾ مشاورت ڪئي، جنهن بعد اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق سان گڏ پنجاب هائوس پهتو، جتي سندس ملاقات چوڌري نثار سان ٿي، ليگي اڳواڻن وچ ۾ ٻه ڪلاڪ ڊگهي ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ شهباز شريف چوڌري نثار کي پرچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي شهباز شريف چوڌري نثار کي درخواست ڪئي ته اهو پارٽي معاملن جي حوالي سان ميڊيا تي اچي ڳالهه ٻولهه نه ڪري ۽ ان معاملي کي خوش اصلوبي سان حل ٿيڻ گهرجي، ان موقعي تي چوڌري نثار چيو ته منهنجو موقف اصول پسنداڻو آهي ۽ خدشا به اصولن تي ٻڌل آهن، وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پارٽي تي ڪڏهن ذات کي ترجيح ناهي ڏني، شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق ڊگهي ملاقات بعد پنجاب هائوس کان واپس وزيراعظم هائوس هليا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *