شهباز شريف جي پٽ حمزه شهباز مريم نواز جي چونڊ مهم جي قيادت جي ذميواري سنڀالي ورتي

لاهور(م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي پٽ حمزه شهباز اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جي چونڊ مهم جي قيادت جي ذميواري کڻي ڇڏي. خانگي ٽي وي چينل موجب حمزه شهباز اين اي 127 ۾ مريم نواز جي چونڊ مهم جي قيادت ڪندو، هن چونڊ مهم جي لاءِ ن ليگ جي ڪارڪنن جي ڊيوٽي به لڳائي آهي. حمزه شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هر ڪارڪن پنهنجو مورچو سنڀالي، اليڪشن کٽڻ جي لاءِ مضبوط حڪمت عملي بڻائي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *