لاڙڪاڻو (م ڊ) پ پ اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته لاهور ۾ جج جي گهر مٿان فائرنگ جي واقعي تي شهباز شريف جواب ڏئي، پنجاب جو وڏو وزير جج تي حملو ڪرائي نواز شريف کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته جج تي گهر تي پوليس گارڊن جي موجودگي ۾ حملو ٿئي ته ذميوار شهباز شريف آهي، هو ڀاءَ کي نااهل ڪرڻ کانپوءِ هاڻ لڳي ٿو عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو. نثار کهڙي چيو ته چوڌري نثار جي پنجاب جي وڏي وزير سان دوستي آهي، شهباز شريف جي ڌار جماعت ٿي وئي ته چوڌري نثار ساڻس گڏ بيهندو. هن چيو ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه سازش آهي، پاڪستان ۾ 22 صوبا ٺاهڻ جو مطالبو سازشي منصوبي جو حصو آهي.27