شهباز شريف جا سپريم ڪورٽ بابت بيان عدليه جي توهين آهن: آصف زرداري

اسلام آباد( بيورو ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهباز شريف جي سپريم ڪورٽ بابت بيان کي عدالتي توهين قرار ڏئي ڇڏيو. آصف علي زرداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو کي سرن تي ويهڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ٻارڙن سميت جيل ٻاهران ويٺل هوندي هئي.  سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ تي ڌر هئڻ ۽ ٻٽي معيار جا الزام بي بنياد آهن. آصف علي زرداري چيو ته حڪمران اهي ڏينهن ياد ڪن جڏهن مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. هن چيو ته  ڪوڙا ڪيس مڙهي مخالفن تي تشدد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته سياسي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود هنن ڪڏهن عدليه تي تنقيد نه ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *