شهباز شريف بلوڪي پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، منصوبو 17 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو:شهباز شريف
January 4, 2017 at 8:03 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جي پيدوار جا ڪيترا ئي منصوبا تعمير هيٺ آهن ۽ گرمين ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تيز رفتار سان ڪم جاري آهي. هيڊ بلوڪي پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شهباز شريف چيو ته ڀکي ۽ بلوڪي پاور پلانت 27 مهينن ۾ مڪمل ڪيا ويندا جڏهن ته پاور پلانٽ سان گرمين ۾ لوڊشيڊنگ 2 ڪلاڪن تائين وڃي پهچندي. بلوڪي پاور پلانٽ جي لاڳت گڊو پاور پلانٽ جي مقابلي ۾ تقريبن اڌ آهي. پاور پلانٽ تي جديد ترين ٽربائين لڳايا ويندا، ملڪ خاطر ڪنهن کي به منٿ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ان منصوبي ۾ تقريبن 40 ارب بچايا ويا آهن، 1200 ميگا واٽ پاور پلانٽ 2017ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.