شهباز حڪومت قرض تي ڀاڙڻ لڳي، 9 مهينن ۾ 5556 ارب قرض

اسلام آباد (م ڊ) شهباز حڪومت قرضن تي وڌيڪ ڀاڙي رهي آهي. حڪومت جي شروعاتي 9 مهينن (مارچ کان نومبر 2024)  دوران مجموعي طور تي 5556 ارب رپيا قرضن ۾ واڌ ٿي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب، نومبر 2024 تائين وفاقي حڪومت جو قرض 70 هزار 366 ارب رپيا هو، جيڪو فيبروري 2024 ۾ 64 هزار 810 ارب رپيا هو. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي پهرين 9 مهينن ۾ پرڏيهي قرض ۾ 356 ارب رپيا جي گهٽتائي ٿي. نومبر 2024 تائين وفاقي حڪومت جو مقامي قرض 48 هزار 585 ارب ۽ پرڏيهي قرض 21 هزار 780 ارب رپيا هو، جڏهن ته فيبروري 2024 تائين مقامي قرض 42 هزار 675 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض 22 هزار 134 ارب رپيا هو. موجوده حڪومت جي دور ۾ نگران دور جي ڀيٽ ۾ مجموعي طور تي قرضن ۾ وڏي واڌ ڏٺي وئي. نگران دور جي 6 مهينن (سيپٽمبر 2023 کان فيبروري 2024) دوران وفاقي حڪومت جو قرض 840 ارب رپيا وڌي ويو هو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *