شهبازشريف پارليامينٽ کان پگهار ته کڻي ٿو پر ڪم نٿو ڪري: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخاف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پارليامينٽ کان پگهار ته کڻي ٿو پر ڪم نٿو ڪري.فردوس عاشق ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف صاحب توهان پارليامينٽ کان پگهار کڻو ٿا پر ڪم نٿا ڪيو، قوم جي ٻارن جي وسيلن تي ڌاڙو هڻي عدالت کان موڪل وٺي ٻاهرئين ملڪ پنهنجي ٻارن لاءِ وسيلا وڌائڻ ۾ لڳا پيا آهيو، ٻاهرئين ملڪ ويهي رڳو بيان ڏنا پيا وڃن. توهان پاڪستان اچڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهيو؟فردوس عاشق وڌيڪ چيو آهي ته “ تو تڪليف ڏني آهي ڇا تون ئي دوا ڏيندي” جي مصداق عوام جي وسيلن کي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙن جي زبان مان ان جي حل جون ڳالهيون ڪرڻ قوم سان مذاق آهي.خاص مددگار چيو ته شهباز شريف جو حڪومت تي تنقيدي بيان ان جي پنهنجي دور جي ڪهاڻي ان جي زباني آهي، توهان جي دور جا بند ڪارخانا عوام جي ذهنن تي اڃان تائين نقش ٿيل آهن، وزيراعظم انهن بند ڪارخانن جو ڦيٿو هلائي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *