شريف ڀائر چوري بچائڻ لاءِ ملڪ کي تباه ڪرڻ لاءِ تيار آهن: عمران خان

اسلام آباد( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کي اعتراض آهي ته فوج سندس مدد ڇو نه ڪئي، شريف ڀائر چوري بچائڻ لاءِ ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف مون کي لاڏلو چئي ٿو ته پر کيس ضياءَ الحق چوسڻ ڏئي پاليو، مهراڻ بئنڪ مان رقم حاصل ڪئي. هن چيو ته مون کي عوام تي اعتماد آهي، ماڻهو باشعور ٿي چڪا آهن، نواز شريف ماڻهن کي چريو سمجهي ٿو، شهباز شريف به ڊراما ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن اسحاق ڊار اسڪوٽر تي هو تڏهن مان لنڊن ۾ فليٽ خريد ڪيو هو، مان 40 سال پراڻو ڪانٽريڪٽ ڏيکاريو ته فليٽ وڪرو ڪيئن ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ اسحاق ڊار وٽ ولاز آهن جڏهن ته مون وٽ لنڊن جو فليٽ به نه آهي. عمران خان چيو ته شريف ڀائرن کي جسٽس نسيم حسن شاهه جهڙا جج آهن، سپريم ڪورٽ ڇو سندن دٻاءَ ۾ اچي رهي آهي. هن چيو ته 30 سال اقتدار ۾ رهندڙ شريف ڀائر چون ٿا ته ساڻن ظلم ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جهڙي نموني عدليه تي حملا ٿي رهيا آهن ته توهين عدالت جو قانون ختم ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته نواز شريف وٽ 300 ارب رپين جي وضاحت رڳو قطري خط آهي، اليڪشن ڪميشن منهنجا وارنٽ ڪڍيا، ڪو ٻڌائيندو ته ڇو وارنٽ جاري ڪيا ويا. هن چيو ته موروثي سياست اها ئي هوندي آهي ته نواز شريف هليو ويو ته شهباز شريف اچي وڃي. سندس چوڻ هو ته ملتان ميٽرو ۾ پوڻن ٻن ارب رپين جي فراڊ جو پتو پيو آهي، خبر ناهي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو ۾ ڪيتريون شيون نڪرنديون. عمران خان چيو ته اقامو مني لانڊرنگ جو هڪ طريقو آهي، سڀ کان وڏي مني ٽريل حديبيا پيپرز ملز آهي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ دبئي ۾ جڏهن ته آمريڪا ۾ شريف خاندان جو فرنٽ مين سعيد شيخ آهي. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائرن کي خبر آهي ته سندن ٻين ملڪن ۾ رکيل رقم جي خبر پئجي ويندي. عمران خان چيو ته اسحاق ڊار کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ شاهد خاقان عباسي جو جهاز ڏنو ويو، ترڪي، عمان ۽ انگلينڊ مان به اسحاق ڊار جي ڪمپني ۾ رقم اچي رهي آهي. هن چيو ته اسحاق ڊار جون 11 ڪمپنيون دبئي ۾ آهن، ترڪي مان به لکين درهم سندس ڪمپني ۾ اچي رهيا آهن، هن چوري لاءِ هڪ خيراتي ادارو ٺاهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسحاق ڊار جي ٻن پٽن جا دبئي ۾ 2 ٽاور آهن، عوام کي ڦري قرضن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. عمران خان چيو ته هڪ ٻي اين آر او لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *