لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف سان جاتي امرا رائيونڊ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آچر ڏينهن شهباز شريف پنهنجي ماءُ محترمه ۽ وڏي ڀاءُ محمد نواز شريف سان ملاقات لاءِ جاتي امرا پهتو نواز شريف سان ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ن ليگ جي 19 جنوري تي گجرانواله ۽ 20 جنوري تي هريپور ۾ جلسن تي صلاح مشوري سميت پارٽي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهباز شريف نواز شريف کي قصور ۾ ٿيل زينبڪيس ۾ هن وقت ٿيل اڳڀرائپ کان به ڄاڻ ڏني شهباز شريف ميٽرو ٽرين رٿا سميت صوبي ۾ ٿيندڙ ترقياتي منصوبن بابت به ڄاڻ ڏني. ملاقات ۾ مريم نواز ۽ سلمان شهباز به موجود هئا. شهباز شريف جاتي امرا ۾ پنهنجي پيءُ ميان شريف مرحوم ۽ ننڍي ڀاءُ عباس شريف مرحوم جي قبر تي به حاضري ڀري دعا گهري.