اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ڪيس آخري ۾ داخل ٿي رهيو آهي تنهن هوندي پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين عمران خان حواس وڃائي ويهندو. وزير اعظم استثنيٰ گهري هجي ها ته عدالت مان ڪيس شروع ڪرڻ جو نه چوي ها. عمران خان پاڻ کي مذاق بڻائڻ ڇڏي ڏئي. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن شريف خاندان اهو تسليم نه ڪيو هجي ها ته لنڊن فليٽ اسان جا آهن ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ نه هلي ها، عمران خان جي ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ اسان جو فرض آهي. 2018ع ۾ نواز شريف ان داڳ کڻي عوام ۾ نٿو وڃڻ چاهي. عمران خان اليڪشن ڪميشن کان استثنيٰ گهري. عمران خنا پنهنجي بنا نالي واري ملڪيت جو جواب ناهي ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده وزير اعظم پنهنجا سمورا اختيار هئڻ باوجود والد ۽ ٻارن جو حساب ڏئي رهيو آهي ۽ عمران خان جي ڪوڙن الزامن جو مقابلو ڪري رهيو آهي.