شريف خاندان لنڊن فليٽس جا جعلي دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا: واجد ضياءَ

اسلام آباد (بيورو) پاناما جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته شريف خاندان لنڊن فليٽس جي جعلي ٽرسٽ ڊيڊ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضياءَ عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو. نيب عدالت ۾ اٽارني جنرل، برٽس ورجن آئي لينڊ ۽ قطري شهزادي جا خط جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نيب جي شاهد واجد ضياءَ شريف خاندان خلاف شاهدي ڏيندي ٻڌايو ته 2006ع آف شور ڪمپنين بابت قانونسازي اهم سال هو، نئين قانونسازي بعد بيريئر شيئرز جي مڪيت لڪائڻ ممڪن نه هو، لينڊ رجسٽري جي رڪارڊ موجب نواز شريف 1993ع کان 1996ع تائين فليٽس خريد ڪيا، جوابدار پاڻ اعتراف ڪن ٿا ته 90 جي ڏهاڪي ۾ فليٽس جو قبضو حاصل ڪيو ويو جڏهن ته فليٽس جو قبضو حاصل ڪيو ويو ته حسين نواز شاگرد هو.  هن چيو ته سمورا جوابدار مڃين ٿا ته فليٽ 16 رڳو نواز شريف جي استعمال هيٺ رهيو آهي، ميان شريف فليٽ رڳو ان وقت استعمال ڪيو جڏهن هو علاج لاءِ برطانيا ويو، جوابدار 2 ٽريڊ ڊيڊ جمع ڪرايون، جي آءِ ٽي موجب ٻنهي ٽرسٽ ٽريڊ جو صفحو نمبر 2 ۽ 3 هڪ جهڙو هو، ٽريڊ ڊيڊز تي تاريخون تبديل ڪيون ويون، جوابدارن ٽرسٽ ڊيڊ تي اوور رائٽنگ ڪري 2004ع کي 2006 بڻائي ڇڏيو. واجد ضياءَ جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ ۾ جمع آف شور ڪمپنين نيلسن ۽ نيسڪول جي ٽرسٽ ڊيڊ جي ڪاپي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪلي، ريڊلي جي رپورٽ بعد جي آءِ ٽي نتيجو ڪڍيو ته ٽرسٽ ڊيڊ جعلي آهي، مريم نواز ٻه ٽرسٽ ڊيڊ جمع ڪرايون جيڪي بقول انهن جي اصلي هيون، فارنزڪ ٽيسٽ بعد جي آءِ ٽي نتيجو ڪڍيو ته اها ٽريڊ ڊيڊ به جعلي آهي. هن چيو ته مريم نواز، حسين نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جعلي دستاويز تي صحيحون ڪري سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، حسن نواز به ٽريڊ ڊيڊ جي ڪاپي هتي عدالت ۾ پيش ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *