شريف خاندان جي رڪارڊ ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي: ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر ارشاد چيو آهي ته شريف خاندان جي رڪارڊ ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر ارشاد چيو ته جي آءِ ٽي کي شريف خاندان جو 1980ع کان هن وقت تائين جو رڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جنهن سال جي ويلٿ اسٽيٽمينٽ گهري تنهن سال جي ناهي. سندس چوڻ هو ته قانون موجب ويلٿ اسٽيٽمينٽ هر سال فائل ڪرڻ ضروري هوندي آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جي آءِ ٽي کي ڪهڙو رڪارڊ نه ڏنو آهي. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته جي آءِ ٽي کان ڪڏهن ڪجهه به نه لڪايو ويو آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جيڪو رڪارڊ طلب ڪيو سمورو فراهم ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *