شريفن کي بچائڻ جي لاءِ ايس اي سي پي رڪارڊ ٽيمپر ڪيو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) عمران خان جو چوڻ آهي ته ميڊيا رپورٽن مان ظاهر ٿيو آهي ته شريفن کي بچائڻ جي لاءِ ايس اي سي پي رڪارڊ ٽيمپر ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ايس اي سي پي رڪارڊ ٽيمپر بابت خبرن تي سوشل ميڊيا ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته جيڪڏهن رڪارڊ ٽيمپر سچ ثابت ٿيو ته اهو عمل ڄاڻي واڻي ادارن جي معاملن ۾ مداخلت چورائيندو. هن وڌيڪ چيو ته رڪارڊ ٽيمپر ڪرڻ جو عمل انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي برابر آهي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي اهڙو ڏوهه ڪرڻ تي جيل ۾ هجڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *