شريفن نه بجلي ڏني، نه پاڻي، قرض ٻيڻو ڪري ڇڏيو، پنجاب جو قلعو فتح ڪبو: آصف زرداري

جهنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ): اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته شاهه جيونه جي ماڻهن جو پيار ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، فيصل صالح حيات کي ٻيهر پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته هن دفعي پنجاب جو قلعو فتح ڪرڻو آهي، هن چيو ته هن ڀيري اسان کي شريفن کي مٽائڻو آهي، اسان اليڪشن نه هارائي آر اوز هارايو آهي، هن چيو ته نه بجلي ڏني، نه پاڻي، قرض ٻيڻو ڪري ڇڏيو، عوام سان هي ڇا ڪيو اٿن، ن ليگ ماڻهن سان ڇا ڪيو، آصف زرداري چيو ته شاهنواز، بينظير، مرتضيٰ جا جنازا کڻڻ بعد به ”پاڪستان کپي“ جو نعرو لڳايو، ميان صاحب کي اسان گهر اماڻينداسين، اڄ سنڌ جي اسيمبلي گو نواز گو جي قرارداد پاس ڪري ڇڏي آهي، ميان صاحب اوگهان گهر نه ڪنهن ٻئي گهر ويندئو، آصف زرداري چيو ته اوهان سمجهي وٺو ته جهڙيءَ ريت مشرف کي گهر اماڻيو هو هاڻي نواز شريف کي گهر اماڻينداسين، هن چيو ته نواز شريف تون پنهنجي گهر نه ڪنهن ٻئي گهر ويندي، چئني صوبن کي اوهان کان نجات گهرجي، اڳوڻي صدر چيو ته اوهان رڳو سرڪاري مانيون کائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، اوهان کان ڪجهه نه ٿو ٿئي، اوهان پاواکائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، اوهان کي لانڍي جيل ۾ کائڻ موڪلڻ لاءِ مان تيار اهيان، جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته هر طرف کان اوهان جي پٺيان لڳا آهيون، جيستائين ڪڍي نه ڇڏيون، اوهان جي پٺيان لڳا رهنداسين، اهو منهنجو پهريون جلسو آهي ميان صاحب خلاف، ”آگي آگي ديکو، هوتا هي ڪيا“، هن چيو ته انهن قوم جو حق لٽيو آهي، اسان انهن کان حق واپس وٺنداسين، آصف زرداري شعر پڙهيو ته”اڀي تو عشق ڪي ابتدا هوئي هي، آگي آگي ديکيي ڪيا هوتا هي“، هن چيو ته سڀني دوستن سان گڏجي انهن جي دوا ڪرڻ آيو آهيان، هتي ته مان مخدوم صاحب جي دعا وٺڻ آيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *