اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ثاقب نثار شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته شرجيل ميمڻ شراب کان انڪار نه ڪيو هو پر چيو هو ته هي بوتلون ان جون نه آهن سنڌ ۾ هر وڏو ماڻهو بيمار ٿي اسپتال پهچي وڃي ٿو سپريم ڪورٽ ۾ غير فعال ٽربيونلز ڪيس جي ٻڌڻي دوران شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ جي معاملي تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته مان شرجيل ميمڻ جي ڪمري ۾ ماکي جي ڪابه بوتل ڏسي ناهيان آيو ۽ اسان کي خبر آهي ته ڪنهن جي قبضي ۾ بعد ۾ نمونا تبديل ڪيا ويا سنڌ جي چيف سيڪريٽري پ پ پ اڳواڻ جي رت ٽيسٽ جي رپورٽ کي شڪي قرار ڏيئي ڇڏيو چيف سيڪريٽري عدالت ۾ چيو ته لڳي ٿو ته رپورٽ ۾ ٽيمپرنگ ٿي آهي اسان وٽ سڀ جيل اسپتال جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏينداسين چيف جسٽس غير فعال ٽربيونلز تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته چيو وڃي ٿو ته عدليه ڪم نه پئي ڪري خاص عدالتن ۽ ٽربيونلز کي ڪيئن فعال ڪرڻو آهي چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ ڪي پي ۾ سموريون عدالتون ۽ ٽربيونل فعال آهن ايڊيشنل ايدووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ چئن خاص عدالتن ۾ ججز جي مقرري رهي ٿي عدالت ڊرگ ڪورت جي جج ۽ ميمبرز جي مقرري ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جج سان ٻه ميمبر ويهارڻ جي ڇا ضرورت آهي ڊرگ ڪورٽ ۾ ميمبرز نه هئڻ سان ڪيس متاثر ٿئي ٿو پنجاب ۾ ڊرگ ڪورٽ جي جج جي پگهار ميمبر کان گهٽ آهي ايڊيسنل ايڊووڪٽ جنرل چيو ته ميمبرز جون پگهارون 4 لکن کان وڌيڪ آهن ان تي چيف جسٽس چيو ته ڪمال آهي هيي کائي رهيا آهن قانون ۾ ترميم ڪري ميمبر جي مقرري ختم ڪريو جنهن کان پوءِ عدالت هدايتون جاري ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.