شرجيل ميمڻ جي ضمانت ۾ 11 مئي تائين واڌ، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي
May 3, 2017 at 7:05 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي اطلاعات واري کاتي جي ڪرپشن ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ جي ضمانت جي درخواست ۾ 11 مئي تائين واڌ ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي اڱاري تي سنڌ جي اطلاعات واري کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران اڳوڻي صوبائي وزير جي وڪيلن پاران ضمانت واري درخواست ۾ واڌ جي درخواست عدالت ۾ پيش ڪئي ويئي جنهن کي عدالت قبول ڪندي ايندڙ ٻڌني تي نيب پراسيڪيوٽر کي جواب داخل ڪرائڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ بابت گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.