شجاع پاشا اسان جا ماڻهو ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايا، جنرل ڪياني کي به شڪايت ڪئي هئي: پرويز الاهي جا انڪشاف

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ شجاع پاشا جهانگير ترين ۽ عليم خان سوڌو ق ليگ جا ٻيا اڳواڻ ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايا، چوڌري ڀائرن اڳوڻي آرمي چيف کي اُن جي شڪايت ڪئي هئي. نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ پرويز الاهي چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل شجاع پاشا ق ليگ جا ماڻهو ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪري رهيو هو، اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان اهڙي شڪايت به ڪئي، جنهن چيو ته ائين نه آهي. اسان کيس چيو ته فون ڪالز جا ثبوت مووجود آهن. پوءِ شجاع پاشا سان سندن ملاقات ڪرائي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز الاهي چيو ته هڪ موقعي تي مانيءَ جي دعوت ٿي ۽ تڏهوڪو ڊي جي آءِ ايس آءِ شجاع پاشا موجود هو. اسان جي ساڻس ملاقات ٿي ۽ چيو ته توهان اسان جا ماڻهو ٽوڙي رهيا آهن، اسان جي پارٽي جي خلاف ڇو آهيو؟ پي ٽي آءِ وارا ڀلي پنهنجي محنت ڪن، پر گهٽ ۾ گهٽ اسان جا (ق ليگ) جا ماڻهو ٽوڙي اُنهن ڏانهن نه موڪليو. پرويز الاهي موجب جواب ۾ پاشا صاحب چيو ته اهڙي ڳالهه نه آهي، جنهن کانپوءِ چوڌري شجاعت بحث جو موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏيو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته بحث جو موضوع تبديل ٿيڻ کانپوءِ شجاع پاشا کي وسري ويو ته ڪو ق ليگ جا ماڻهو ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرڻ واري ڳالهه شروع ۾ ٿي هئي، سو ملاقات ۾ هڪ موقعي تي شجاع پاشا چوڌري شجاعت کي چيو ته توهان ته ڏاڍا سياڻا آهيو، آئون عمران خان سان توهان جي ملاقات ڪرائي ڇڏيان، جنهن تي چوڌري شجاعت کيس جواب ڏنو ته اسان توهان کي پڪڙي ورتو آهي، توهان اسان وٽ ويهي به سندن (پي ٽي آءِ) نمائندگي ڪري رهيا آهيو. انٽرويو دوران جڏهن پرويز الاهي کان پُڇيو ويو ته ق ليگ جا ڪهڙا ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايا ويا؟ جنهن تي پرويز الاهي چيو ته هن وقت جيڪي پي ٽي آءِ ۾ نمايان آهن، اُهي سمورا ماڻهو ق ليگ مان ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيا ويا. جهانگير ترين ۽ عليم خان سوڌو ٻيا نمايان اڳواڻ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز الاهي چيو ته اهو عرصو سال 2010ع جو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *