شاهه محمود قريشي جنگ جو شوشو ڇڏي نااهلين تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو: نفيسا شاهه

ڪراچي( م ڊ ) پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته شاهه محمود قريشي جنگ جو شوشو ڇڏي حڪومتي نااهلين تان پردو کڻڻ چاهي ٿو، عمران خان سياسي قيادت کي انتقام جو نشانو بڻائڻ چاهي ٿو،  مهانگائي جي ماريل عوام کي جنگ کان ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.  شاهه محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان ڀارتي اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا،  ڀارت اڳرائي ڪئي ته قوم جو هر فرد فوج سان گڏ هوندو.  هن چيو ته جڙتو حڪومت هر محاذ تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي، سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪ کي ڏڦيڙ طرف ڌڪي رهيو آهي، عمران خان قومي معاملا به پارليامينٽ کان ڳجها رکي رهيو آهي، عمران خان قوم کي ٻڌائي ته ڪهڙن شرطن تي قرض ورتو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *