شاهه محمود قريشي بلاول جو بيان ٻڌڻ بنا تبصرو ڪري ڇڏيو: شيري رحمان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شاهه محمود قريشي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي ٻڌڻ بنا تبصرو ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب پ پ پ جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي ٻڌڻ بنا تبصرو ڪري ڇڏيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌوديش ۽ پختونستان جي تصورن جي مذمت ڪئي، خدارا حڪومتي ميمبر پوري ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي زبان کي زحمت ڏيندا ڪن.پ پ اڳوان چيو آهي ته مان حڪومت ميمبرن کي چيلينج ڪريان ٿي ته بلاول ڀٽو جي بيان مان ملڪ دشمني ڪڍي ڏيکاري، پاڪستان پيپلز پارٽي 18 هين ترميم ڪري سنڌوديش ۽ پختونستان جو نعرو هڻندڙن کي ختم ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *