لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي سندس اباڻي تڪ اين اي 57 مري تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي نقوي جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. پنهنجي اپيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي موقف اختيار ڪيو ته اپيلٽ ٽربيونل اختيار اورانگهيا، ٽربيونل کي تاحيات نااهلي جو ڪوبه اختيار ناهي. هن چيو ته اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ شروعاتي حڪم بعد شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.