ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي چيو آهي ته هن کي جيتري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻي هئي هو کيڏي چڪو آهي، هاڻي ٽي ٽوئنٽي ليگز ئي کيڏندو. اڳوڻو ڪپتان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تان اڳ ئي رٽائر ٿي چڪو آهي، رڳو ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ ملڪ جي اڳواڻي ڪندو رهيو آهي. ڄاڻايل فارميٽ ۾ به هن پنهنجي آخري ميچ ڀارت خلاف گذريل سال مارچ ۾ ورلڊ ڪپ دوران کيڏي هئي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي بوم بوم آفريدي چيو ته اڳوڻي ڪپتان عمران خان طرفان سندس فٽنيس جي تعريف جو مطلب آهي ته هو وڌيڪ کيڏي سگهي ٿو، پر هو جيتري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏي پئي سگهيو کيڏيو، هاڻي ٽي ٽوئنٽي ليگ ڪرڪيٽ جا مزا وٺڻ چاهي ٿو.
شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
Related Posts
چيمپينز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو ڌچڪو، فاسٽ بالر جسپرت بمرا مڪمل طور صحتياب نه ٿي سگهيو
چيمپينز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو ڌچڪو،...
بنگلاديش جي اسٽار ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو
بنگلاديش جي اسٽار ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال انٽرنيشنل...
جيسن گليسپي جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد عاقب جاويد ريڊ بال هيڊ ڪوچ مقرر
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ جيسن...