شاهدن کي ڌمڪيون: رينجرز عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

April 20, 2017 at 2:55 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(م ڊ) پيٽروليم بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف رينجرز عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف دهشتگردن جي علاج ڪيس ۾ گواهن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي رينجرز دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ ٽي رينجرز اهلڪارن کي به شاهد طور شامل ڪيو ويو آهي. رينجرز جي وڪيل طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ ان جا ويجها ساٿي گواهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڊاڪٽر يوسف ستار سميت 2 گواهن جي زندگين کي خطرو آهي.

اي پيپر