شازيه مري جو آصف زردري جي امڪاني گرفتاري تي سخت احتجاج، اپوزيشن ميمبرن پاران گوڙ، اسپيڪر مائڪ بند ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبر شازيه مري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي امڪاني گرفتاري تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته آصف علي زرداري خلاف نيب جون انتقامي ڪارروايون جاري آهن اسپيڪر صاحب آصف علي زرداري جي ايوان ۾ حاصري يقيني بڻايو سومر تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران شازيه عطا م

ري اهم مسئلو چيو ته اهم مسئلو آهي مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو ان تي اسپيڪر چيو ته مان اوهان کي موقعو ڏيندس اوهان پوائنٽ آف آردر وٺي ڳالهايو جڏهن ته شازيه مري لڳاتار ڳالهه ڪندي رهي ۽ ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو شازيه مري چيو ته اڳُني صدر آصف زرداري جي گهر جي ٻاهران نيب اهلڪار موجود آهن آصف زرداري جي خلاف نيب جون انتقامي ڪارروايون جاري آهن هن چيو ته آصف علي زرداري پهران ئي ڪيترائي سال جيل ڀوڳي چڪو آهي اسپيڪر شازيه مري جي مائڪ بند ڪري ڇڏي مائڪل بند ڪرڻ تي ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ اجازت ملڻ تي شازيه مري چيو ته جناب اسپيڪر اوهان ان شئي کي يقيني بڻايو ته آصف علي زرداري هن ايوان ۾ اچي سگهي هن چيو ته اپوزيشن ليڊر بابت حڪومت ميمبرن جون ڪياس آرايون ختم ٿي ويون جيڪي چوندا هئا ته شهبازشريف نه ايندو اهي هاڻي ڏسي وٺن شازيه مري جي جواب ۾ گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه چيو ته نيب جنهن به ٺاهي گهٽ ۾ گهٽ اسان نه ٺاهي هن چيو ته نيب گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کان نه مدد گهري نه پڇا ڪئي هن چيو ته عدالت ضمانت رد ٿيڻ تي نيب گرفتار ڪري رهيو آهي ان ۾ حڪومت جو ڪوئي ڪردار نه آهي راجا پرويز اشرف چيو ته آصف علي زرداري جي گهر جي ٻاهران نيب جا اهلڪار ۽ فورس موجود آهي جناب اسپيڪر اوهان هاڻي آصف علي زرداري جا بنا دير پروڊيشن آرڊر جاري ڪيو هن چيو ته اوهان هاڻي پروڊيشن آرڊر جاري ڪيو ۽ مان هاڻي آصف علي زرداري کي هتي وٺي اچان هن چيو ته جيستائين پروڊيڪشن آرڊر جاري نه ٿيندا ان وقت تائين اجلاس جي ڪارروائي روڪي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *