لنڊن(ويب ڊيسڪ) سک برادري ڀارتي هندو انتهاپسندي جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ورلڊ سک پارليامينٽ جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان جي خلاف ڀارتي بندوبستن جو حصو نه بڻجندا جڏهن ته سک فوجين کي به پاڪستان خلاف ڪارروائي ۾ حصو نه وٺڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي. تفصيل موجب ورلڊ سک پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ سکن جي عالمي تنظيم سک فوجين کي پاڪستان جي خلاف جنگ ۾ حصو نه وٺڻ جي هدايت ڪندي پاڪستان طرفان ڀارتي پائليٽ جي واپسي سٺو قدم قرار ڏنو. ورلڊ سک پارليامينٽ جو چوڻ هو ته هندو انتهاپسندي اصل ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جو سبب آهي، ڀارت ۾ انتهاپسندي پاڙيسري ملڪن ۽ ملڪ ۾ اقليتن لاءِ حالتون ٻڏتر بڻائي ڇڏيون آهن، مودي سرڪار رڳو اليڪشن لاءِ پاڪستان خلاف مهم هلائي رهي آهي. هن ڀارت کي خبردار ڪيو ته سکن جي زمين ڀارتي قبضي ۾ آهي، سکن جي زمين پاڪستنا جي خلاف استعمال نه ڪئي وڃي. پارليامينٽ هدايت ڏئي ڇڏي ته پاڪ ڀارت جنگ ٿي ته سک قوم حصو نه وٺندي، جنگ جي صورت ۾ سک فوجي واپس پنهنجي گهر هليا وڃن ۽ جنگي ڪارروائي جو حصو نه بڻجن.