سکر ۾ 9 سالن جي نينگري جو 45 سالن جي شخص سان نڪاح، گهوٽ گرفتار

April 20, 2017 at 7:39 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

سکر(بيورو) سلطان پور ۾ 9 سالن جي نينگري جو 45 سالن جي شخص سان نڪاح ڪرايو ويو جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي نينگري جي والد، گهوٽ ۽ نڪاح خوان سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ورتو آهي. ايس ايس پي امجد شيخ موجب پني عاقل جي ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع مليو ته سلطان پور جي علائقي ۾ 9 سالن جي معصوم نينگري جو نڪاح 45 سالن جي شخص عبدالباسط سان ڪرايو ويو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائي گهوٽ، نينگري جي والد ۽ نڪاح خوان سميت واقعي واري هنڌ موجود 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 3 جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

اي پيپر