سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ 3 ماڙ عمارت ڊهي پئي، ڪجهه ماڻهو دٻيل، ٻن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري، حسيني روڊ تي قائم عمارت اوچتو ڊهي پئي، علائقي واسين فوري طور ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي ٻاهر ڪڍي ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته عمارت ۾ 3 خاندان رهندڙ هئا، عمارت ڊهڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت ڪجهه ماڻهو دٻيل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. عمارت ڊهڻ سبب 11 هزار ووليٽج واريون تارون به ٽٽي پيون، جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي ۽ اوندهه سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عمارت ڪِرڻ جو نوٽيس ورتو، ڪشمنر سکر سان فون تي رابطو ڪري دٻيل ماڻهن کي فوري ٻاهر ڪڍڻ جون هدايتون ڏنيون، وڏي وزير چيو ته ڪوشش ته ڪو جاني نقصان نه ٿئي، وڏي وزير ڪشمنر کي هدايت ڪئي ته عمارت ڊهڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي.وڏي وزير چيو ته متاثر ماڻهن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي.