سکر ۾ پ پ جو يوم تاسيس، ناني ۽ ماءُ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس: بلاول ڀٽو زرداري

سکر/خيرپور(رپورٽ؛شاهد سيال/نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي 51 هين يوم تاسيس جي موقعي تي جلسي گاهه ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسٽيج تي پهچي ويا آهن، جلسي گاهه ۾ جيالن جو جوش عروج تي آهي ۽ پنڊال پارٽي ترانن سان گونجي رهيو آهي.نجي ٽي وي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي 51 هين يوم تاسيس جي موقعي تي سکر ۾ پيپلز پاٽي ميدان سجائي ورتو آهي ۽ جلسي گاهه ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سميت مرڪزي ۽ صوبائي قيادت اسٽيج تي پهچي چڪي آهي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي انتظام ڪيا ويا ، جلسي گاهه ۽ آس پاس ۾ 2350 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا،  جڏهن ته داخلي لاءِ ٽن جاين تي واڪ ٿروڪ گيٽ لڳايا ويا آهن، انتظاميه موجب اسپورٽس ڪمپليڪس کي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ شڪارپور روڊ کي ٽريفڪ لاءِ هڪ طرف کان بند ڪيو ويو .پارٽي اڳواڻن لاءِ 12 ڪنٽينرز تي ٻڌل اسٽيج تيار ڪئي وئي آهي جنهن تي پارٽي اڳواڻن جون تصويرون لڳايون ويون آهن، جلسي انتظاميه موجب جلسي گاهه ۾ 50 هزار ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جلسي گاهه ۾ جيالن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪارڪن جوش ۽ جذبي سان جلسي گاهه جو رخ ڪندا، ڊي جي بٽ جيالن جو رت گرمائڻ لاءِ جلسي گاهه ۾ موجود آهي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ناني ۽ ماءُ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس، پيپلز پارٽي جمهوري ادارن جي مضبوطي چاهي ٿي، شڪست انهن جو مقدر آهي، جيڪي جمهوريت، پارليمان جي بالادستي جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي 51هين يوم تاسيس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ناني ۽ ماءُ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس، ٻنهي عظيم اڳواڻن جا وارث پارٽي جي تنظيم، جيالا آهن، شهيد ناني ۽ ماءُ جي فلسفي  جي پيروي ڪندا رهندا. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته قيادت، عهديدار، جيالا مقصد جي خاطر سخت محنت جي لاءِ تيار آهن، پارٽي اڳواڻ ۽ جيالا پنهنجي ثابت قدمي جو ثبوت پيش ڪري چڪا، انهن جو ڪردار، خدمتون ۽ قربانيون تاريخ ۾ لکيون وينديون، جبر جي قوتن جي خلاف جدوجهد جلد ئي بار آور ٿيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جمهوري ادرن جي مضبوطي چاهي ٿي، پارليماني جي بالادستي جي لاءِ سرگرم عمل رهنداسين، قانون جي عملداري جي لاءِ به جدوجهد ڪندا رهنداسين، 1973 جو دستور ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *