سکر(بيورو)سکر ۾ واٽر ڪميشن جي سربراھ جسٽس اميرھاني مسلم پيرمرادشاھه قبرستان،قريشي ڳوٺ ڊرينيج اسڪيم سميت مختلف ھنڌن جو دورو ڪري ھلندڙ اسڪيمن جو جائزو ورتو.جسٽس اميرھاني مسلم جي دوري دوران انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو ميونسپل انتظاميه پاران پيرمرادشاهه قبرستان مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينون ھلائڻ سان گڏ رستن تان گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويو . واٽر ڪيمشن جي سربراهه پير مراد شاهه قبرستان مان گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ قبضا ختم نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .هن سکر جي ميئر ارسلان شيخ ۽ ٻين عملدارن کي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو ته ڪرسي خالي ڪيو .ان موقعي تي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ڪامورن کي هدايت ڪئي ته ترت پاڻي جون اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن جڏهن ته سيپڪو کي به هڪ هفتي اندر بجلي پهچائڻ جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو