سکر پراونشل بلڊنگ کاتي جي انجنيئر ۽ ڪلارڪن جي ملي ڀڳت سان 22 ڪروڙن جي رڪارڊ ڪرپشن

سکر ( رپورٽ عنايت ڀٽي )پراونشل بلڊنگ کاتي جي انجنيئر بشير ملاح، ٽينڊر ڪلارڪ عبدالحميد شيخ، ڪلارڪ ارشاد خاصخيلي ۽ ڪلارڪ سردار پيرزادو پاران 22 ڪروڙن کان وڌيڪ جي ڪرپش ڪئي آهي هنن من پسند ٺيڪيدارن کي ٽينڊرن جا آهن جن مٿان ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جلد گرفتارڪيو ويندو اهڙو اظهار اينٽي ڪرپشن سکر جي سرڪل آفيسر عبدالقادر دراني صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جي ڇاپي دوران اسان کي ڪجهه رڪارڊ هٿ آيو باقي رڪارڊ انجنيئر ۽ ڪلارڪ پنهنجي گهر ۾ رکيو آهي جن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن پر هو قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن هن چيو ته انجنيئر بشير ملاح ۽ ٽينڊر ڪلارڪ حميد شيخ سميت 4 جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪيو ويندو، هوڏانهن جوابدارن پاران گرفتاري کان اڳ واري 5 ڏينهن جي عدالت مان ڪچي ضمانت منظور ڪرائي ڇڏي آهي، جو اينٽي ڪرپشن کي گهربل رڪارڊ ڇاپي دوران آفيس مان هٿ نه اچڻ جي ڪري کيس آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هنن مٿان ڪرپشن جا ٻيا به گهڻا الزام آهن هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ورڪس ۽ سروس جي صوبائي وزير امدا پتافي جو ويجهو دوست سڏائيندڙ انجنيئر بشير ملاح کي هڪ ئي وقت ڊسٽرڪٽ بلڊنگ سکر، پراونشل بلڊنگ سکر، ڊسٽرڪٽ هاءِ وي سکر، ڊسٽرڪٽ بلڊنگ خيرپور ۽ ڊسرڪٽ بلڊنگ جيڪب آباد جون 5 چارجون ڏئي نوازيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي انجنيئر بشير ملاح ۽ ٽينڊر ڪلارڪ حميد شيخ ٻڌايو ته عدالت مان ڪچي ضمانت منظور ڪرائڻ بعد اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران سيل ڪيل آفيس کي کولي ڇڏيو آهي ۽ آفيس جو ڪاروهنوار شروع ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *