سکر (بيورو رپورٽ) آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس، خورشيد شاھه ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿيو، ٻڌڻي ملتوي، احتساب عدالت ۾جوابدارن ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، حڪومت اسحاق ڊار کي نه گهرائي سگهي ته نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندي، پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اسحاق ڊار کي ئي نه گهرائي سگهي ته نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندي، اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ تي به الائونس نه ورتو. سڀ ڏسي رهيا آهن ته مون سان ناانصافي ٿي رهي آهي پر رات کان پوءِ صبح ضرور ٿيندي آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته نيون نيون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون جيڪي ڪڏهن به ناهن ٻڌيون هي ماڻهو اسحاق ڊار کي نٿا گهرائي سگهن ته اهي نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندا. هن وڌيڪ چيو ته مان پارليامينٽ جي ڳالهه ڪندو هئس ۽ منهنجي ڪوشش هئي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿئي. ڪيس ڪوڙو آهي، 12 مهينا گذرڻ باوجود ريفرنس فائينل ناهي ڪيو ويو، سکر جي عوام 8 ڀيرا ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، سڀ ڄاڻن پيا ته مون سان ناانصافي پئي ٿئي.