سچ جو هميشه مان مٿانهون هوندو آهي، ڀارت کي هاڻ سچ ڳالهائڻ گهرجي: ميجر جنرل آصف غفور

اسلام آباد(هه آ)  پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته شڪر الحمدالله سوڀ هميشه سچ جي ٿيندي آهي. ڀارت وٽ هاڻ سچ ڳالهائڻ جو وقت آهي.سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڀارت کي هاڻ پنهنجي ٻئي جنگي جهاز جي تباهي جو به اعتراف ڪرڻ گهرجي.ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪارروائين کي روڪڻ گهرجي. ياد رهي ته آمريڪي مئگزين هڪ آرٽيڪل شايع ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڀارت طرفان پاڪستان جو ايف سورنهن جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *