سچل سرمست جي 196هين عرس جون تقريبون پڄاڻيءَ تي پهتيون
June 12, 2017 at 11:21 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
خيرپور( ڊ ر) دولهه درازي حضرت عبدالوهاب المعروف سچل سرمست جي 196هين عرس جون تقريبون پڄاڻيءَ تي پهتيون، ميلي جي آخري رات درازا شريف ۾ سچل ڪامپليڪس ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي ميزباني هيٺ سچل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو منعقد ڪيو ويو، ادبي ڪانفرنس جي صدارت ناليواري ترقي پسند اديب احمد سليم ڪئي، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ فاطمه حسن، تاج جويو، ڊاڪٽر ادل سومرو، پروفيسر غلام نبي سڌايو ۽ ٻيا هئا. ناليوارن اديبن ۽ محققن پنهنجي مقالن ۾ سچل جي ڪلام، فلسفي ۽ زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ چيو ته سچل سائين تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، هو سڄي دُنيا جو شاعر آهي، جنهن پنهنجي دور ۾ مسڪين ماروئڙن جي تڪليفن کي ڏٺو ۽ کين نفرت ڇڏي حقيقي مالڪ سان سچي عشق ۽ امن توڙي ڀائپيءَ جو درس ڏنو. ادبي ڪانفرنس ۾ صدارتي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ احمد سليم چيو ته سچل سائين جو پيغام ۽ فلسفو عام ڪري ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. فاطمه حسن چيو ته سچل سرمست سميت ٻين صوفي بزرگن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي جيڪا ضرورت هن وقت آهي اُها ڪڏهن به نه هئي، اسين سچل جي فلسفي ذريعي سماج ۾ امن جي فضا ۽ ترقي ماڻي سگهون ٿا. ادبي ڪانفرنس بعد مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت نامياري شاعر اياز گل ڪئي، جڏهن ته مير عبدالرسول مير، عنايت بلوچ، هدايت بلوچ ۽ آسي زميني اعزازي مهمان هئا. ان موقعي تي وسيم سومرو، زبير سومرو، خواجه ذوالفقار، مفتون ڪورائي، فياض چنڊ ڪليري، نذير ناز، ساجد جمالي، منظور اڄڻ، بيخود بلوچ، ناصر چاچڙ، امتياز دانش، علي حسن سرڪي ۽ ٻين پنهنجي شاعريءَ ذريعي سچل سرمست کي ڀيٽا پيش ڪئي. ادبي ڪانفرنس ۾ ميزباني جا فرض ياسر قاضي سر انجام ڏنا، جڏهن ته اُستاد عبدالغفور سومرو، جنسار سمون ۽ ٻين صوفي راڳين سچل جو ڪلام پڻ ڳايو. تقريب ۾ ثقافت کاتي سنڌ جو ڊائريڪٽر جنرل خالد چاچڙ ۽ ٻيا آفيسر پڻ شريڪ هئا.