خيرپور ( رپورٽ؛ شاهد نواز سيال) سچل سرمست جي عرس تي آيل پانڌيئڙن جي واپسيءَ تي هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش ، لاڙڪاڻو خيرپور رود تي ٽرالر جو مزدا کي زوردار ٽڪر، 5 پانڌيئڙا ٿڏي تي فوت، 4 زخمي ، ٽرالر ڊرائور گرفتار ،فوتي ۽ زخمين کي وارث لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا ، خبر موجب صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي 197 عرص تي آيل پانڌيئڙن جي واپسيء تي خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جو مزدان کي زوردار ٽڪر ، هانء ڏاريندڙ وقعي ۾ 2 پانڌيڙا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته3 ڄڻا انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيا ويا ،17 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، فوت ٿيندڙن ۾ 50 ساله شڪارپور واسي وڏيرو شر ۽ 40ساله شاتو بروهي ڳڙهي ياسين وسي ٻڏايا پيا وڃن ،جڏهن ته فوت ٿيلن جا مڙهه اڳڙا پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا ، زخمين ٿيندڙن کي سندن وارث لاڙڪاڻي اسپتال علاج لاء کڻائي ويا ، اڳڙا پوليس موجب واقعو تيز رفتاري سبب پيس آيو آهي ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مزدا جو ڊرائيور گمبٽ جي رهواسي بابر سروهي کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن سچل سرمست جي پانڏيئڙن فوت ٿي ويلن جا مڙهه سندن گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻئي پاسي زخمي ٿيندڙ جي وارٿن ۾ مايوسي جي لهر ڏسڻ ۾ آئي سچل جي پانڌيئڙن سان هانء ڏاريندڙ وقعو پيش اچڻ تي خيرپور ضلعي انتضاميان ، سياسي سماجي اڳواڻن مان ڪو به سندن همدرديءَ لاءِ پهچي نه سگهيو هيو پوليس فقط ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڃڻ ته پنهجو فرص ادا ڪري ڇڏيو