اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ/ بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪانصاف جي فنڊن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي هيٺ حنيف عباسي جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ عدالت چيو ته ان ڪيس ۾ سچائي تائين پهچڻ لاءِ جاچ به ڪرڻ سميت ڪنهن به حد تائين وڃي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن طرفان عدالت کي ٻڌايوويو ته پي ٽي آءِ جي غير ملڪي فنڊنگ بابت اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اهڙي درخواست خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو هو ته ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي اهڙي درخواست ٻڌڻ جو ڪو اختيار ناهي. جڏهن ته چيف جسٽس حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ جي فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن ۾ التويٰ هيٺ سمورن ڪيسن ۽ فيصلن جا تفصيل ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيا وڃن.