اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ جي آسيه بي بي بابت فيصلي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتارين جو عمل شروع ٿي ويو آهي، 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت ٻين شهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي اسلام آباد مان 11 ۽ ڪراچي مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪورال ۽ شهزاد ٽائون ٿاڻي ڪارروائي ڪندي 11 گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن ترامڙي چوڪ تي ڊي سي اسلام آباد کي زخمي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي دهشتگردي، پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۽ قلم 144 ڪرڻ جا الزام آهن، جڏهن ته ڪيسن ۾ 100 کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهو نامزد آهن جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ڪراچي پوليس هنگامي جي الزام ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 31 آڪٽوبر کان 2 نومبر تائين ٿيل ڌرڻي ۽ هنگامي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 12 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. پوليس موجب ڪيس ايئرپورٽ، سچل، کارادر، گارڊن، نيوز ڪراچي، اورنگي ٽائون ۽ ٻين ٿاڻن ۾ داخل آهن. پوليس موجب ڪيس شروعاتي طور نامعلوم ماڻهن تي داخل ڪيا پيا وڃن، جوابدارن جي سي سي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا وڊيوز ذريعي سڃاڻپ ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيسن ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي سميت ٻيون شقون شامل آهن. هنگامي ۽ تڪراري تقرير خلاف گوجرانوالا جي ڪوتوالي ٿاني ۾ پوليس طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف پارٽين جا 9 نامزد ۽ 2500 نامعلوم ماڻهو شامل آهن، ڪيس ۾ مختلف پارٽين جي مرڪزي قيادت کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اٽڪ جي مختلف ٿاڻن تي احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن جا 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيس سٽي، جنڊ، فتح جنگ ۽ پنڊي گيب جي ٿاڻن ۾ داخل ڪيا ويا آهن.