سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جا سليپر سيلس موجود آهن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ الهڏنو خواجه چيو آهي ته سڄو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ دهشتگردن جا سليپر سيلز موجود آهن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ڊي خواجه چيو ته سڄو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ دهشتگردن جا سليپر سيلز به موجود آهن پر گذريل رات سي ٽي ڊي ڪامياب ڪارروائي ڪري شهر کي دهشتگردي کان بچايو جنهن تي هو مقابلو ۾ حصو وٺندڙ پارٽي لاءِ 10 لکن جو اعلان ڪيو آهي اي ڊي خواجه چيو ته ڪورنگي ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگرد جو تعلق لشڪر جهنگوي العالمي جي زيلي گروپ سان هو. هن چيو ته پوليس عوام جي تحفظ لاءِ هر وقت الرٽ آهي پوليس شهر کي منشيات کان به پاڪ ڪندي پي ايس ايل جو ايونٽ ڪراچي ۾ ٿيو ته اسان مڪمل سيڪيورٽي ڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *