سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ آدمشماريءَ جوسلسلو جاري، ٽيمون دير سان پهچڻ جون شڪايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهر ڳڻپ جي اڻ پوري عمل بعد سنڌ ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ۽ انهن جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو سلسو جاري و ساري آهي، شماريات کاتي جون ٽيمون ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ گهر، گهر وڃي ماڻهن جي ڳڻپ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آهن، آدمشماري جي 9 ڏهاڙي به ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، ڪراچيءَ جي 6 ئي ضلعن توڙي حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي جي ڏهن يوسيز ۾ ماڻهن کي ڳڻيو پيو وڃي. سنڌ راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ سميت ڪيترن ئي علائقن کان شماريات کاتي جون ٽيمون دير سان پهچڻ جون شڪايتون پڻ اچي رهيون آهن. آدمشماري ڪندڙ عملي جي سڪيورٽيءَ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عوام به شماريات کاتي جي ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي، واضح رهي ته آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ ماڻهن کي ڳڻڻ وارو عمل 27 مارچ تائين جاري رهندو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ گهر ۽ آدمشماري وارو عمل شروع ڪيو ويندو.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *