سڄي سنڌ ۾ سياري جون موڪلون معمول موجب 24 ڊسمبر کان شروع ٿينديون: تعليم وارو وزير

ڪراچي(م ڊ) تعليم واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ سياري جون موڪلون معمول موجب 24 ڊسمبر کان شروع ٿينديون. تفصيل موجب تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ سياري جون موڪلون معمول جي موجب 24 ڊسمبر کان شروع ٿينديون تنهن هوندي ايندڙ سال جي گرمين ۽ سياري جي موڪلن بابت فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته جيسيتائين تعليم جي بهتري لاءِ سمورا ادارا پنهنجي مفاد کان مٿانهان ٿي ڪم نه ڪندا اوسيتائين گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته اين ٽي ايس استاد سٺي اميد رکن، ان بابت پاليسي تيار ڪئي آهي، معاهدي موجب انهن کان ٽيسٽ وٺي سندن معاهدي ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته استادن کي هڪ خاص وقت ڏنو ويندو ۽ ان کان پوءِ انهن استادن کان ٽيسٽ ورتي ويندي جنهن کان پوءِ ڪامياب استادن جي معاهدي ۾ واڌ ڪئي ويندي جڏهن ته سمورا معاملا پاليسي جي موجب شفاف طريقي سان حل ڪيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *