سڄي سنڌ يونيورسٽي ئي وڪرو ٿي سگهي ٿي، زمين ڪيئن ليز تي ڏني وئي؟ سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي زمين هائوسنگ رٿائن کي ٽرانسفر ڪرڻ تي اسٽي آرڊر برقرار رکي ڇڏيو، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو ته زمين سينڊيڪيٽ جي گهر جي نه آهي، اختيار رڳو بورڊ آف روينيو جو آهي، يونيورسٽي کي ڪنهن به صورت ۾ سرڪاري زمين وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم ،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل  ٽَي رڪني بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي زمين هائوسنگ اسڪيم کي 99 سالن لاءِ ليز تي ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس امير هاني مسلم چيو ته سرڪاري زمين يونيورسٽي جي ملازمن کي 99 سالن جي ليز تي مفت ۾ نٿي ڏئي سگهجي .جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته استادن ۽ شاگردن جي لاءِ هاسٽل ٺاهي سگهجي ٿي پر هائوسنگ اسڪيم نٿي ٺاهي سگهجي .جسٽس فيصل عرب ٻڌڻي جي دوران پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهڙو ڪوقانون آهي ته يونيورسٽي هائوسنگ اسڪيم جي لاءِ سرڪاري زمين ڏئي سگهي ٿي ته هو قانون عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي .جسٽس امير هاني مسلم وڌيڪ چيو ته فلاحي ڪم جي لاءِ مختص زمين وڪرو نٿي ٿي سگهي . عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙي قانون تحت زمين هائوسنگ اسڪيم کي ڏني وئي، فلاحي مقصدن لاءِ ڏنل 200 ايڪڙ سرڪاري زمين ڪيئن 99 سالن جي ليز تي ڏني وئي؟عدالت پڇاڻو ڪيو ته جنهن علائقي ۾ في ايڪڙ زمين 60 لک کان هڪ ڪروڙ رپين ۾ ٿي رهي آهي، اتي ڪيئن مفت ۾ ڏني وئي؟ جنهن تي سنڌ يونيورسٽي جي وڪيل مجيب پيرزادي چيو ته فنڊز جي کوٽ سبب اهڙو فيصلو ڪيو ويو.جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته اهڙا فيصلا ڪيا ويا ته پوءِ يونيورسٽي به وڪرو ٿي ويندي، مفت جي زمين تي هائوسنگ اسڪيمن جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.يونيورسٽي جي وڪيل مجيب پيرزاده چيو ته سينڊيڪيٽ ۽ گورنر جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ زمين ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جسٽس امير هاني مسلم  ريمارڪس ڏنا ته سينڊيڪيٽ جي گهر جي زمين نه آهي، اختيار رڳو بورڊ آف روينيو وٽ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *