سڄي خاندان کي گرفتار ڪري وٺو پر ارڙهين ترميم تي رهنڊ به اچڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي به لائن ۾ اچڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر اسان نه اڳ دٻاءُ ۾ آياسين ۽ نه ئي وري هاڻ اينداسين.احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي نه ملٽري ڪورٽ آهي ۽ نه وري ان ڪيمرا ڪورٽ آهي. عوام کي حق آهي عدالت اچڻ جو ۽ ڪارروائي ڏسڻ جو پر وڪيلن کي عدالت اچڻ کان روڪيو ويو جنهن سبب ڪارروائي ۾ دير ٿي. بلاول ڀٽو سوال ڪيو ته ڇا هي سڀ  ڪجهه جج مٿان دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش هئي يا اسان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش؟  بلاول چيو ته هنن کي  زرداري مان ايترو ڊپ آهي جو اسلام آباد جي سموري پوليس هتي بيهاري ڇڏي آهي. 17 آگسٽ تي مينگو ڊي هوندو آهي هي هڪ آمر جو آخري ڏينهن هو.پ پ چيئرمين چيو ته اپوزيشن تي دٻاءُ وجهي ڪٺ پتلي جيان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي يحيٰ، ضيا ۽ مشرف آمريت جو به مقابلو ڪيو. هن ڪٺ پتلي حڪومت جو به مقابلو ڪنداسين. اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اسان به لائن ۾ اچي وڃو. اسان نه اڳ دٻاءُ ۾ آيا آهيون ۽ نه ئي وري هاڻ دٻاءُ ۾ اينداسين. جمهوريت، اين ايف، سي ۽  18هين ترميم  تي پنهنجو موقف تبديل نه ڪنداسين. سڄي خاندان کي گرفتار ڪرڻو آهي ته ڪري وٺو پر ارڙهين ترميم تي رهنڊ به اچڻ نه ڏينداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *