سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي: وڏو وزير
September 6, 2017 at 9:36 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته خواجه اظهارالحسن تي حملو افسوس جوڳو آهي ۽ سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي. رپورٽ مطابق وڏو وزير سيد مراد علي شاهه حج جي ادائيگي کانپوءِ اڄ صبح ئي ڪراچي پهتو ۽ خواجه اظهار جي رهائشگاهه تي ويو جتي هن سندس خيرت معلوم ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته خواجه اظهار تي حملو افسوسناڪ آهي، اهو هڪ قومي مسئلو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي. هن چيو ته متحده جي اڳواڻن کي سڀ کان وڌيڪ سيڪيورٽي ڏني وئي آهي جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت پئي ته اها به فراهم ڪنداسين. هن چيو ته خواجه اظهار تي حملي جو منصوبو هن شهر يا صوبي ۾ نه ٺهيو هوندو، انصارالشريعه ڪراچي ۾ پلان نه ڪري رهي آهي پر آپريٽ ضرور ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي ڪجهه تنظيمن کي واچ لسٽ تي رکڻ لاءِ چيو هو پر بدقسمتي سان ائين نه ڪيو ويو پر اسان وفاق کي چيو آهي ته انصار الشريعه کي به واچ لسٽ ۾ وجهن.