ڪراچي (م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ڪنهن ڪئي، گذريل سال ٽارگيٽ ڪلنگ جا 23 واقعا ٿيا، هلندڙ سال ٽارگيٽ ڪلنگ جون رڳو 5 وارداتون ٿيون. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ امن امان بابت التويٰ واري رٿ تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2013ع ۾ دهشتگردي جا 61 واقعا ٿيا، هن سال دهشتگردي جو ڪو واقعو ناهي ٿيو، اسٽريم ڪرائيم گهٽيو آهي پر اسان مطمئن ناهيون. سندس چوڻ هو ته آپريشن ۾ جيڪي به پوليس آفيسر شريڪ هئا، سڀني کي چونڊي چونڊي شهيد ڪيو ويو، 2008ع ۾ اسان جي حڪومت آئي، اهڙيون حالتون هيون
سکر کان اسان کي قافلن ۾ سفر ڪرڻو پوندو هو. هن چيو ته سنڌ دهشتگردي جا گهڻا واقعا ڏٺا آهن، صفوران سانحو، امجد صابري ۽ خالد محمود سومري جي شهادت سميت ٻيا واقعا ٿيا، ڪو به اهڙو ڪيس ناهي جنهن کي پوليس حل نه ڪيو هجي، سيڪيورٽي فورسز امن امان لاءِ حياتيون قربان ڪيون. وڏي وزير چيو سڀني کي خبر آهي ته شهر ۾ رتوڇاڻ ڪنهن ڪئي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ آپريشن ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي شهيد ڪيو ويو، 90ع جي آپريشن کانپوءِ صوبي اندر حالتن ۾ بهتري آئي. مراد علي شاهه چيو ته نگرانن جي دور ۾ پوليس وارن جا ڪڻا ڪڍيا ويا، انهن کي پ پ خلاف هدايتون جاري ڪيون ويون، ڪڻا ڪڍي پوليس وارن کي چيو ويو ته وڃو پيپلز پارٽي جا ماڻهو ٽوڙيو.27